اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گذريل 5 ڏينهن ۾ ساڍا 8 هزار حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا آهن جڏهن ته اڄ 5 حج اڏامن سان 1500 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا مديني پهچي ويندا.
هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته حج پانڌيئڙن کي مديني ۾ 8 ڏينهن ترسڻ کانپوءِ مڪي شريف روانو ڪيو ويندو، حج کان اڳ 17 هزار پانڌيئڙا مديني منوره جي زيارت مڪمل ڪندا، حج کانپوءِ پاڪستان روانگي کان 8 ڏينهن اڳ باقي 15 هزار حج پانڌيئڙا حج تي مديني پهچايا ويندا.
هن چيو ته 106 اڏامن تي ٻڌل حج فلائٽ آپريشن 30 جون تائين جاري رهندو