ڪهڙي گاڏيءَ تي ڪيترو ٽيڪس لڳندو؟:ايف بي آر تجويزون ڏئي ڇڏيون

اسلام آباد  (م د) ايف بي آر  1600 سي سي کان مٿي گاڏين  تي ٽيڪس  ٻيڻي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.ايف بي آر 850  سي  سي تائين گاڏين تي 10 هزار رپيا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي جڏهن ته 851 سي سي  کان 1000 سي سي تائين گاڏين تي 20 هزار رپيا، 1001 سي سي کان 1300 سي سي  تائين گاڏين تي 25 هزار  رپيا ٽيڪس  ۽ 1301 سي سي  کان 1600  سي سي تائين گاڏين تي 50 هزار رپيا  ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز شامل آهي.1601 سي سي کان 1800 سي سي تائين گاڏين تي ڏيڍ لک  رپيا ۽ 1801 سي سي کان 2000 سي سي تائين  گاڏين  تي 2 لک رپيا ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني آهي.2001  سي سي کن 2500 سي سي تائصن گاڏين تي 3 لک رپيا، 2501 سي سي کان 3000 سي سي تائين گاڏين تي 4 لک رپيا ۽ 3000 سي سي کان  وڌيڪ گاڏين تي 5 لک رپيا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.