عامر لياقت جي لاڏاڻي تي غلط ڪمينٽ نه ڪيا وڃن:دانيا جي ماءُ

لاهور (م ڊ) عامر لياقت جي ٽئين گهرواري دانيا ملڪ جي ماءُ ڌيءَ تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏئي ڇڏيو .دانيا جي ماءُ ڌيءُ جي دفاع ۾ هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو، جيڪو دانيا جي ئي انسٽاگرام تي شيئر ڪيو ويو.وڊيو ۾ دانيا جي ماءُ چيو ته منهنجي سڄي پاڪستان کي اپيل آهي ته جيڪي ماڻهو عامر لياقت جي لاڏاڻي تي غلط ڪمينٽ ڪري رهيا آهن، انهن کي ائين نه ڪرڻ گهرجي، توهان جو چوڻ آهي ته تصويرن سبب عامر لياقت جو لاڏاڻو ٿيو، ائين ناهي، جيڪڏهن تصويرن جي ڳالهه هجي ها ته هو ان معاملي تي ٻئي ٽئين ڏينهن لاڏاڻو ڪري وڃي ها.هن چيو ته توهان ان جي گهر وڃو، جتي ان جي دوستن جو چوڻ آهي ته عامر لياقت جي گهر ۾ جنريٽر جو دنهون ڀرجي وڃڻ سبب سندس طبعيت خراب ٿي، جڏهن هو جيئرو هو، تڏهن به انهن تصويرن سبب سڀ عامر لياقت جي پويان هئا ۽ هاڻ لاڏاڻو ڪري ويو آهي ته به ماڻهو ان جي پويان پيل آهي، خدا جو خوف ڪيو.سندس چوڻ هو ته حڪومت طرفان اسان تي اڃا تائين ڪنهن به هٿ نه رکيو، اسان خلع جي دعويٰ داخل ڪرائي هئي پر عدالت ڊگري ته نه ڏني هئي، ڪيس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هو گذاري ويو.دانيا جي ماءُ چيو ته اسان عامر لياقت جي آخري ديدار لاءِ روئي رهيا آهيون، عامر لياقت جو مڙهه منهنجو ۽ دانيا جو منتظر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.