پگهارن ۾ واڌ ۽ ايڊهاڪ الائونس به بنيادي پگهار ۾ ضم، ڪابينا جي منظوري

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا نئين مالي سال لاءِ بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي  ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بجيٽ تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ فنانس بل 23-2022 جي منظوري ڏني. ڪابينا تجويزون منظور ڪندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني، گڏوگڏ ڪابينا سرڪاري ملازمن جو ايڊهاڪ الائونس بنيادي پگهار ۾ ضم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. منظوري ڏني آهي. ذريعن موجب سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ سان ناڻي تي 71 ارب 59 ڪروڙ جو بار پوندو. سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ اپريل ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.