سهڻو بڻجڻ لاءِ اداڪارائون ڇا ڪنديون آهن؟ ايشا گپتا جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ايشا گپتا انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ مون تي گوري بڻجڻ لاءِ سيون هڻائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.

هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ مون کي نڪ جي سرجري ڪرائڻ جو چيو ويو پر مان چيو ته مان ائين ئي ڀلي آهيان.

ايشا گپتا چيو ته خوبصورت نطر اچڻ لاءِ سيون هڻائڻ جون صلاحون ڏنيون ويون مان به انهن جو ڳالهيون مڃڻ واري هيس پر پوءِ خبر پئي ته هڪ سئي جي قيمت 9000 رپيا آهي.

اوهان کي اهڙيون ڪيتريون ئي اداڪارائون ملنديون جن جو رنگ گورو آهي.

اداڪارا چيو ته مان نه چاهينديس ته منهنجي ڌيءَ اداڪارا بڻجي ۽ مٿس سهڻي بڻجڻ جو دٻاءُ هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.