امير طبقي جي غير پيداواري اثاثن تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مالي طور تي ڪمزور شهرين کي معاشي ڏکيائين کان بچائڻ جو مقصد رکون ٿا ته جيئن مالي طور تي مضبوط ماڻهو ٽيڪس جي مد ۾ قومي ناڻي ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن.

وزيراعظم ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان ٽارگيٽڊ سبسڊيز لاءِ اربين رپيا رکيا آهن، اها رقم بي آءِ ايس پي لاءِ 344 ارب رپين کان وڌيڪ آهي ۽ اها سبسڊي رڳو حقدار ماڻهو حاصل ڪري سگهن ٿا.

هن چيو ته سرڪاري شعبي ۾ ملازمن جي مالي ڏکيائين کي ڏسندي حڪومت انهن جي بنيادي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ۽ ايڊهاڪ اڪائونس کي ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ٽيڪس سليبس تي نظرثاني ڪئي وئي آهي ۽ ساليانو 12 لک رپيا ڪمائيندڙ شهري ٽيڪس کان آجا هوندا، حڪومت امير طبقي جي غير پيداواري اثاثن تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻي ملڪيت جي خريداري تي 5 سيڪڙو ٽيڪس ۽ لگزري ڪارن تي به ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم چيو ته حڪومت سولر پينلز جي درآمد ۽ ورڇ تي ٽيڪس کي ٻڙي ڪري ڇڏيو آهي، زرعي سامان ۽ امپلانٽس جي درآمد تي زيرو ٽيڪس جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهو قدم اسان جي هارين ۽ زراعت جي شعبي کي ترقي لائق بڻائيندو.

شهباز شريف چيو ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ فنڊن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ بينظير اسڪالر شپ پروگرام کي هڪ ڪروڙ شاگردن تائين وڌايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.