تڪڙيون چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون: شيخ رشيد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ايندڙ 45 ڏينهن ملڪي سياست لاءِ گهڻو اهم آهن، جيڪڏهن تڪڙيون چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جيهڙيون حالتون پيدا ٿي وينديون.

پنهنجي بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته جڏهن چوندو هئس ” ش “ حڪومت ٺاهيندي ته ماڻهو کلندا هئا، هاڻي ڏسو هي ڇا ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته موجودا حڪومت جا ڀارت سان لاڳاپا آهن ۽ هاڻي بجلي، گئس، پيٽرول سڀني جا اگهه وڌايا ويا آهن، جڏهن ته عمران خان جلد مهانگائي خلاف وڏو جلوس ۾ فيض آباد کان اسلام آباد تائين ريلي جي قيادت ڪندو، هي حڪومت نٿي هلي سگهي، نيون چونڊون ڪرايون وڃن.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته چونڊون ڪرايون وڃن، اسان کي ڪنهن ٻئي نه آمريڪي طاقت رد ڪيو، اميد آهي ته 14 آگسٽ کان پهريان چونڊن جو فيصلو ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.