اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مالي سال 23-2022 لاءِ بجيٽ ۾ ملڪي دفاع لاءِ هڪ هزار 523 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ملڪي دفاع لاءِ رکيل بجيٽ جا انگ اکر ٻڌائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته مالي سال 23-2022 جي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ هڪ هزار 523 ارب رپيا رکيا ويا آهن، دفاع تي هڪ هزار 450 ارب خرچ ايندا.
دفاعي بجيٽ ۾ بري فوج لاءِ 724 ارب رپين کان وڌيڪ جي تجويز آهي، گذريل سال ان مد ۾ 730 ارب رپين کان وڌيڪ رکيا ويا هئا، پاڪ فضائيا لاءِ 323 ارب 71 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي، گذريل سال ان مد ۾ 302 ارب 91 ڪروڙ رپيا رکيا ويا، جڏهن ته پاڪ بحريا جو حصو 165 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي، گذريل سال ان مد ۾ 158 ارب رپين کان وڌيڪ رکيا ويا هئا.