آنڊن جي ڪينسر جي شڪار مريضن لاءِ ڪهڙا کاڌا صفا موتمار آهن؟

رڳو  سگريٽ ڇڪڻ ئي نه پر ڪي کاڌا اهڙا به آهن جيڪي آنڊن جي ڪينسر جي مريضن لاءِ خطرناڪ ۽ موتمار ثابت ٿي سگهن ٿا.

انگن اکرن موجب، آنڊن جي ڪينسر جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ مريض ان بيماري جي تصديق کانپوءِ 10 ورهين تائين جيئرا رهندا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته صحتمند زندگي جي چونڊ سان آنڊن جي ڪينسر جي خطري کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، پر هڪ مخصوص خوراڪ آهي جيڪا هن بيماري جي خطري کي وڌائي سگهي ٿي.

سگريٽ ۽ شراب ڇڏڻ ۽ باطابطا طور ورزش ڪرڻ سان آنڊن جي ڪينسر جي خطري کي گهٽائي سگهجي ٿو، پر هڪ تحقيق موجب، کٽاڻ، گوشت ۽ چٽپي خوراڪ آنڊن جي ڪينسر جي مريضن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.

آنڊن جي ڪيسنر جو علامتو

آنڊن جي ڪينسر جي علامتون پريشان ڪندڙ ٿي سگهن ٿيون.

جن ضرورت کان وڌيڪ ٿڪاوٽ، پيٽ ۾ سور، آنڊن جي عادتن ۾ مستقل تبديلي جهڙوڪ قبضي وغيرا، ڪمزوري شامل آهي.

آنڊن جي ڪينسر جي مريضن لاءِ ڪهڙي خوراڪ خطرناڪ ۽ موتمار ثابت ٿي سگهي ٿي.

انهن ۾ ڳئون جو گوشت، رڍ جو گوشت، پروسس ٿيل گوشت جهڙوڪ ساسيجز وغيرا، شراب، وڌيڪ مٺاڻ واري خوراڪ، بيڪنگ آئٽمز، ڊونٽس، برائونيز ۽ ڪيڪ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.