ڏکڻ ڪوريا پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر قرض ڏيندو

اسلام آباد (م ڊ) ڏکڻ ڪوريا پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر قرض ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو.اقتصادي معاملن واري وزارت موجب ڏکڻ ڪوريا هڪ ارب ڊالرن تائين جي ڊگهي مدي تائين انتهائي رعايتي فنانسنگ ڪندو.اقتصادي معاملن واري وزارت جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي تي صحيحون ٿي ويون آهن، پاڪستان طرفان صحيحون اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا طرفان صحيحون ڪوريا جي سفير ڪيون.پڌرائيءَ موجب ڏکڻ ڪوريا آءِ ٽي، صحت، مواصلات، زراعت ۽ توانائي جا منصوبا پورا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.