حيدرآباد ۾ سڱاوتي تان گوليون هڻي قمبر واسي پورهيت قتل

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾هٿياربندن گوليون قمبر واسي پورهيت کي قتل ڪري ڇڏيو. ٽنڊي يوسف ٿاڻي جي حد پاڪولا فيڪٽري  لڳ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ٽريڪٽر ٽرالي سوارن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور غلام محمد پٽ عبدالنبي ٻرڙو ۽ رفيق ٻرڙو زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال نيو پئي ويو ته غلام محمد ٻرڙو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ٽ۾ نڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته  4 مهينا اڳ مقتول جي ڀائيٽي رضوان ٻرڙو پنهنجي برادري  جي ناري سويرا  سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو،ڪالهھ انهي تڪرار جي نتيجي ۾ غلام محمد کي قتل ڪيو ويو. پوليس موجب مقتول اصل قمبر واري علائقي جو رھواسي هو،گذريل 15 سالن کان خاندان سميت ٽنڊي حيدر ۾ رهندڙ هو ۽ اتي ئي موجود هڪ سرن جي بٺي جي مالڪ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي هلائيندو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.