دعا زهريٰ اغوا ڪيس ۾ پيرسن عورت به گرفتار، عدالت ۾ پيش

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جڊيشنل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دعا زهريٰ اغوا ڪيس  ۾ پوليس 80 سالن جي هڪ عورت کي به گرفتار ڪيو .80 سالن جي عورت عدالت ۾ روئيندي رهي. جاچ آفيسر چيو ته هي عورت ظهير جي ماسي فدا بي بي آهي، جنهن  جي نالي تي موبائل سم آهي، جيڪا ظهير استعمال ڪندو هو..جاچ آفيسر چيو ته دعا زهريٰ هن عورت جي گهر مان ملي. جڏهن ته 80 سالن جي عورت جو چوڻ هو ته هن دعا زهريٰ ۽ ظهير کي پناهه ناهي ڏني.جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته سهولت ڪاري جي الزم هيٺ پوليس ظهير جي مائٽن کي گرفتار ڪيو. ان موقعي تي قانون دان محمد فاروق چيو ته هو هن پيرسن عورت جي قانوني معاونت ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن انساني همددري جي بنياد تي وڪالت نامو جمع ڪرائيندي عدالت کان استدعا ڪئي ته پيرسن عورت کي آزادڪيو وڃي.

  • دعا زهريٰ اغوا ڪيس جو فيصلو محفوظ

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جڊيشنل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دعا زهريٰ اغوا ڪيس  جي ٻڌڻي دوران دعا زهريٰ جو پيءُ پيش ٿيو.عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو..عدالت ۾ دعا زهريٰ جي پيءُ چيو ته ڌيءُ جو 164بيان ٿيڻو هو پر پوليس دعا کي لاهور وٺي وئي.هاءِ ڪورٽ جو حڪم هو ته دعا کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، ميديڪل رپورٽ کي اسان چئلينچ ڪيو آهي .هن چيو ته پوليس ڪيس کي خراب ڪري رهي آهي. ظهير کي گرفتار ڪري رمانڊ ورتو وڃي. وڪيل جو چوڻ هو ته جوابدارکي پرٽوڪول سان لاهور موڪليو ويو، جيڪا قانون جي انحرافي آهي.

  • دعا زهريٰ ڪيس ۾ گرفتار 12 جوابدارن مان 10 ڄڻا آزاد

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جڊيشنل مجسٽريٽ  اوڀر جي عدالت  دعا زهريٰ اغوا ڪيس ۾ گرفتار 12 جوابدارن مان 10 جوابدارن کي آزاد ۽ نڪاح پڙهائيندڙ  غلام مصطفيٰ ۽ شاهد علي اصغر کي جيل موڪلي ڇڏيو جڏهن ته 10 جوابدارن جانالاڪيس مان خارح ڪري ڇڏيا.عدالت حڪم ڏنو جڏهن ضرورت پوندي، کين گهرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.