ڪلوئي (ن ع آ)ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ پيپلزپارٽي ۽ آزاد اميدوار پي ٽي آئي جا اميدوار ميدان تي لٿل آهن ان سلسلي ۾ ڪالهه پي ٽي آئي ۽ اڳواڻ ارباب ذڪا الله ارباب انور بئريسٽر ارباب ظفر الله ارباب عنايت الله ارباب سميع الله يوسي ڪلوئي ۽ يوسي ساروھوڙ جي مختلف علائقن ڪٽو شاهاڻي گهيٽو گور واهري سميت مختلف علائقن ۾ طوفاني دورا ڪري ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي جڏهن ته آزاد اميدوار محمد خان لنڊ پي ٽي آئي يوسي ساروھوڙ تي اتحادي آهي جنهن جي يوسي ساروھوڙ ۾ پوزيشن مظبوط ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته هوڏانهن ڪلوئي يوسي ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ارباب امير امان الله ارباب عبدالرحمان ۽ ٻين يوسي ڪلوئي جي مختلف ڳوٺن ۾ ورڪ ڪري ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.