سونڊا لڳ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي

سونڊا (رپورٽ: ارشاد گندرو) سونڊا لڳ ڳوٺ حاجي  خميسو خاصخيلي ۾ نوجوان اسلم خاصخيلي بيروزگاري کان تنگ اچي پاڻ کي ڳچي ۾ ڦاهو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ڪينجھر پوليس ۽  ميڊيا  ٽيم پهتي، جتي لاش ڪافي وقت کان  زمين تي پيل رھيو، ايس ايڇ او ڪينجهر بشير ملاح پوليس جي گاڏي ۾  لاش کڻي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، فوتي نوجوان جا وارث ۽ ڳوٺاڻا ايس ايڇ او کي منٿون ڪندا رهيا ته لاش پوليس جي گاڏي ۾ کڻي جلد پوسٽ مارٽم ڪري اسان کي ڏنو وڃي ته اسان سندس تدفين جو بندوبست ڪري سگھون پر ايس ايڇ او لاش کڻڻ انڪار ڪري ڇڏيو. جڏھن ته ڳوٺاڻن چندو ڪري پرائيويٽ گاڏي ۾ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اماڻيو. ان موقعي اتي موجود ڳوٺاڻي عورتن ايس ايڇ او کي وڏي واڪا ۽ منٿون ڪندي چيو ته هڪ طرف بيروزگاري سبب اسان جا نوجوان خودڪشيون ڪري رهيا آھن ته ٻئي طرف اسان جي ڳوٺ ۾ ڪچي شراب جا اڏا هلي رهيا آھن ڳوٺ سونهري مان وڏي تعداد ۾ ٺرو اچي ٿو جنهن سبب اسان جو نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آھي، منشيات بند ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.