رتودير ۾ عورت تي تشدد، پٽ گم، وارثن سميت لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو شهر جي پراڻي عيد  گاهه قاضي پاڙي جي رهواسڻ شادي شده عورت پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي مڙس ۽ سهري جي ناجائزين خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت شبانه خاتون نوناري پنهنجي ڀاءُ نعمت الله نوناري، ڀيڻ ذليخان نوناري ۽ معصوم نياڻي ماروي سنڌو سان گڏجي دانهيو چيو ته 7 سال اڳ منهنجي شادي سئوٽ خدابخش عرف خدو نوناري سان ٿي جنهن مان 7 ورهين جي پٽ محبوب علي ۽ اڍائي ورهين جي ڌيءُ ماروي سنڌو جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته شادي بعد مڙس خدابخش ۽ سهرو امير بخش عرف جت نوناري مون مٿان روزانو بيگناهه تشدد ڪندا ڪندا رهندا آهن مون سميت منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي جان جو خطرو آهي. ڊي آءِ جي پٽ واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڏئي انصاف فراهم ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.