راڻيپور(ن ع آ) راڻي پور جي قومي شاھراھ تي تاج پيٽرول پمپ ڀرسان واقعي محمد علي ڀنڀرو جي دڪان تان ٻه نامعلوم موٽر سائيڪل چار ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي دڪاندار کان دڪان اندر پيل چار لک روڪ رقم، 4 موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري وڏي آساني فرار ٿي ويا. جنھن بعد پوليس پنھنجي ستسي ڏيکاريندي. واقعي جي ڪافي ڪلاڪن بعد جاءِ وارڌات تي پھتي ۽ معمول موجب تفصيل وٺي رواني ٿي وئي. وارثن پاران نامعلوم ماڻھن مٿان واقعي جي اين سي راڻي پور ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي.