ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيمبر ۾ دعا زهرا سان ملاقات کانپوءِ سندس ماءُ انڪشاف ڪيو ته هن اسان سان وڃڻ چاهيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي دعا جي ماءُ طرفان ڌيءَ سان ملڻ جا جذباني منظر سامهون آيا، هوءِ روئندي روئندي عدالت ۾ بيهوش به ٿي وئي.
عدالت جي هدايت تي دعا زهرا جي والدين سان چيمبر ۾ ملاقات ڪرائي وئي.
ملاقات ختم ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائڻ دوران دعا جي ماءُ انڪشاف ڪيو ته ڌيءَ ملاقات ۾ ٻڌايو ته اسان سان گڏ هلڻ چاهي ٿي.
هن ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ دانهون ڪندي چيو ته ڌيءَ اسان سان هلڻ لاءِ راضي هئي، هوءَ بيان ڏيڻ واري هئي، پوليس واريون اسان کي ڌڪا ڏينديون آهن ۽ ڌيءَ تي دٻاءُ وجهنديون آهن، اهي منهنجي ڌيءَ کي وٺي ويا آهن، ان جو برين واش ڪندا، ان کي ڌمڪائيندا.