بلوچستان ۾ مسافر وين کاهيءَ  ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) قلعه سيف الله ۾ نيشنل هاءِ وٽ مسافرن وين کاهيءَ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.

بلوچستان جي صوبائي اختيارين موجب لورالائي کان زوب ويندڙ ويندڙ وين کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جڏهن ته حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 22 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.

انتظاميا ۽ ليويز فوتين جا لاش توڙي زخمي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن، پهاڙي علائقو هجڻ ڪري ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.