اوٻاوڙو لڳ جهيڙي جو زخمي فوت، ٽائرن کي باهه، لاش رکي ڌرڻو

اوٻاوڙو  ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ڀرسان مريد شاخ جي علائقي ۾ پنج مھينا اڳ ھٿياربندن ھٿان زخمي ٿيل ڳوٺاڻو غلام اڪبر ميراڻي پنج مھينا اسپتال ۾ مسلسل علاج ھيٺ ھيو جيڪو اڄ فوت ٿي ويو آهي ميراڻي برادري جي عوتون مرد وڏي انگ ۾ گڏ ٿي مريد شاخ جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ فوت جو لاش گڊو مريد شاخ روڊ تي رکي ٽائرن کي باھيون ڏئي  روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب سنڌ پنجاب جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي گاڏين جو ڊگهيون قطارون لڳي ويون سخت گرمي سبب مسافر پريشان عورتون فوتي جي لاش کي چنبڙي زارو قطار روئينديون رھيون ۽ قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندو رھيون  ماحول سوڳوار ٿي ويو ايس ايچ او کنڀڙا موقعي تي فوري طور پھچي حالات تي ضابطو آڻي ورتو پنجن ڪلاڪن بعد ايس ايڇ او جي خاطري تي روڊ کوليو ويو، ان موقعي تي فوتي جي وارثن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ اعلي حڪام کان اپيل ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان بيگناهه قتل ٿيو آهي،  اسين مسڪين آھيون جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن پوليس  فوتي جي مڙھ کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.