جمال شاهه ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا سخت زخمي

جمال شاھ(ن ع آ)جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ سومر خان جوکيو ۾ سڱاوتي تڪرار تان جوکين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن ۾  هڪ ڌر جا 3 ڄڻا علي اڪبر جوکيو، وسيم جوکيو، عبدالرؤف جوکيو جڏهن ته ٻي ڌر جي رمضان جوکيو ۽ رب ڏنو جوکيو شامل آهن، هڪ ڌر جي  رمضان جوکيو ٻڌايو ته اسان سئوٽن جو پاڻ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، اڄ دعوت تي آيل علي اڪبر وارن شرارت ڪئي ۽ جهيڙو ٿي پيو جڏهن ته ٻي ڌر علي اڪبر وارن چيو ته اسين عبدالرئوف وارن وٽ دعوت تي آيل ھئاسين تہ رمضان وارن بنا ڪنهن ڏوهه جي ڏنڊا هڻي ناانصافي ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.