شيخ رشيد هن ئي سال چونڊن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد هلندڙ سال ئي ملڪ ۾ چونڊن جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حڪومت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ته ڳالهه ٻولهه ٿي سگھي ٿي، چونڊن جي تاريخ ڏيڻ بنا عمران خان ڪنهن سان ڳالهيون نه ڪندو، هو بجيٽ کانپوءِ حڪومت خلاف ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.

هن چيو ته چونڊون هن ئي سال ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، جڏهن ته حڪومت ووٽر لسٽن ۽ تڪ بندين ۾ مرضي جون تبديليون ڪري رهي آهي.

اڳوڻي گھرو وزير جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ حڪومت نالي جي ڪا شيءِ ناهي، پيءُ ۽ پٽ وفاق ۽ هڪ صوبي تي قابض ٿي چڪا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍرائڻ لاءِ سموري محنت اسان جي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.