نبي سر ٿاڻي تي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙن مٿان ڪيس داخل

ڪنري (رپورٽ:وسرام چند مڪواڻا) نئون ڪوٽ سب ڊويزن جي دڙيلو شاخ جي زميندار جاويد سلطان چانڊيو پاران دڙيلو شاخ ۾ پاڻي/ڏسو صفحو 2 ڪالم 7 جو گيج پورو نه ھجڻ، پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ آبپاشي کاتي جي مبينا ڪرپشن خلاف سول ڪورٽ ڪنري ۾ پٽيشن داخل ڪرائي. جنھن بعد سول جج  شاخ جو دورو ڪري آبادگارن ۽ آبپاشي عملدارن جا بيان ورتا، سول جج پاران دورو ڪري ڪورٽ پھچڻ بعد ايس ڊي او سب ڊويزن نئون ڪوٽ بدرالدين ميمڻ آبادگارن تي مارڻ جي ڪوشش، ڌمڪين ۽ تشدد ڪرڻ جو الزام هڻندي نبي سر روڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. ڪيس زميندار جاويد سلطان چانڊيو، زمان چانڊيو، تاج خان عرف ڀٽو ۽ جلال چانڊيو سميت 15 کان 16 نامعلوم خلاف داخل ڪيو ويو. جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو ته جوابدارن مون کي مارڻ جي ارادي سان سڌي فائرنگ ڪري ڏني مان قدرتي بچي ويس جنهن بعد مون کي گهلي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪري سخت تشدد ڪري ڏنو جو مون سان گڏ ٻئي عملي منٿ ميڙ ڪري منهنجي جان بچائي ۽ جوابدار ڌمڪيون ڏيندي روانا ٿي ويا ۽ منهنجو پرس کڻي ويا، جنهن ۾ ضروري ڪاغذ سميت 30 هزار رپيا ڪيش هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.