نوابشاهه ۾ مهانگائي خلاف گڏهن تي سوار ٿي انوکو احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ :ايم بي چانڊيو) ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف سماجي تنظيم هيومن رائيٽس جسٽس اينڊ ڊيفينڊر آرگنائيزيشن پاڪستان ايڊوڪيٽ عبدالوهاب عباسي، محمود مغل، عبدالغفار نظاماڻي، بلاول ملاح، ارسلان شيخ، ثمرين مرزا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڏھن تي سوار ٿي نئين ناڪي کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نواب شاهه پريس ڪلب پھتي جتي مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مھانگائي جو راڪاس راڄ ڪري رھيو آھي ۽ غريب ماڻھون کي ٻن ويلن جي ماني به نٿي ملي، ھنن چيو ته چونڊيل نمائندا مھنگائي خلاف ڌرڻا ھڻي عوام کي بيوقوف پيا بڻائين، وفاقي حڪومت عوام کي بي موت ماري رھي آهي ھنن چيو ته پٿرن جي دور ۾ گڏھن ۽ اُٺن تي سواري ڪئي ويندي ھئي پر اسان جي حڪمرانن اھڙي جديد دور ۾ پيٽرول ايترو ته  مھانگو ڪيو آھي جو اسان اڄ پٿرن جي دور جي يادگيري تازي ڪندي گڏھن تي سوار ٿي ھتي پھتا آھيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.