ڀان سيد آباد: شهري نوجوان اتحاد جو بنيادي مسئلن جي حل ۽ مهانگائي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ڀان سيد آباد جي شهري نوجوان اتحاد شهر جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ مهانگائي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

شهري نوجوان اتحاد جي پريس ڪلب تي اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ شهر جي مختلف پاڙن مان نوجوان طبقي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي ۾ نوجوانن گڏيل راءِ سان مهانگائي ۽ شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو.

گڏجاڻي کانپوءِ شهري نوجوان اتحاد جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ ڪري غريب عوام تي ظلم ڪيو آهي تيل اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، جنهن لاءِ تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.