اتر ڪوريا جا تازا ميزائل تجربا، جاپان پريشان

 

اتر ڪوريا آزمائشي مقصدن لاءِ آچر 5 جون تي مختلف هنڌن تان 8 بيلسٽڪ ميزائل هلائي ڇڏيا.

ڄاڻايل ميزائلن سمنڊ ۾ 110 کان وٺي 670 ڪلو ميٽرن تائين فيصلا طئي ڪيا.

جاپان جي بچاءَ واري وزير موجب پيونگ يانگ جو بيلسٽڪ ميزائلن جي تجربن جو اهو انداز بلڪل مختلف آهي پر في الحال اهو واضح ناهي ته ان جا مقصد ڪهڙا آهن.

واضح رهي ته اتر ڪوريا هن سال هيل تائين ويهه ميزائل تجربا ڪري چڪو آهي.

آچر ڏينهن ڪيل تجربا آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي گڏيل جنگي مشقن جي خاتمي جي هڪ ڏينهن پوءِ ڪيا ويا آهن.

مبصرن موجب اهي تجربا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته پيونگ يانگ حڪومت تمام جلد جوهري تجربا به ڪري سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.