اڏيرولال: معصوم شاگردياڻي سان زيادتي جو جوابدار عدالت ۾ پيش

اڏيرولال (رپورٽ: سڪندر ساهووال)  اڏيرولال اسٽيشن ۾ معصوم ٻارڙن جي وڊيوز ٺاهڻ وارو معاملو، اڏيرولال اسٽيشن پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدار محمد بخش عرف ننهو عباسي کي مٽياري جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس جوابدار کي سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ٿري جي عدالت ۾ آندو. وحشي جوابدار محمد بخش عرف ننهو عباسي پاران ٻارڙن جي غيراخلاقي وڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو هو. چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي ڪونج سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ۽ وڊيو ٺاهيندڙ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جوابدار معصوم ٻارڙن جون وڊيوز ٺاهڻ بعد کين بليڪ ميل ڪندو هو،وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي. سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ٿري جي عدالت جوابدار محمد بخش عرف ننهو عباسي کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.