بدر ابڙي جي ڪتاب  ( کير ٿر ۾ چِٽسالي ) جو مختصر جائزو

امين جويو 

سنڌ ۾ قديم آثارن ۽ سياحتي ماڳن مڪانن تي ڪم جي حوالي سان محترم بدر ابڙي جو نالو نهايت اهم ۽ اڳڀرو آهي، سائين بدر ابڙو اهڙو اڙانگو ڪم سنڌ سان عشق ۾ ڦاٿل هجڻ جي ڪري ڪندو آهي ان ڳالهه جي ثابتي توهان کي سندس هر هڪ ڪتاب ۽ هر هڪ لکڻي پڙهڻ کان پوءِ ملندي !.. بهرحال هتي مون کي سائين بدر ابڙي جي شخصيت تي نه پر سندس ڪتابَ ( کير ٿر ۾ چِٽسالي/ ٻڌيه جو سفر) تي مختصر طور تي ڳالهائڻو آهي.

هونئن ته سائين بدر ابڙو پنهنجي هر ڪتاب ۾ هڪ نئون جهان گهمائڻ  جي ڪوشش ڪندي نظر ايندو آهي، پر هن ڪتاب ۾سائين جن نه رڳو اسان کي کيرٿر جون مختلف نيئون، ڍورا، ڍوريون، انهن ۾ اندر ٿيل چِٽسالي ۽ اُتان جي رهڻي ڪهڻي ڏيکاري آهي، پر هو اسان جي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪندي پڻ نظر آيو آهي. پٿرن تي ٿيل اُڪرَ يا چِٽساليءَ جهڙي ڏکيي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ ڪيترو ڏکيو ڪم آهي؟  اِن سوال جو جواب ته رڳو سائين بدر ابڙو ئي ڏئي سگهي ٿو. سائين جن ان ڪم جي شروعات ته 1996 / 1995ع کان ئي ڪري ڇڏي هئي پر سمورو تحقيقي مواد گڏ ڪرڻ، ڪتابَ جي ڪمپوزنگ ڪرائڻ، تصويرون ٺيڪ ٺيڪ جاين تي ڏيڻ ۽ ان سموري ڪم جي نگراني ڪرڻ وڏي خَفي وارو ڪم آهي ۽ هن قِسم جي ڪمَ ۾وقت جو وڏو سِيڙاءُ ٿئي ٿو!… منهنجي خيال ۾ پٿرن تي ٿيل چِٽساليءَ جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهريون ڪتاب آهي. هن کان اڳ ۾ ڪنهن به ليکڪ يا محقق سنڌي ٻوليءَ ۾هن اهم موضوع تي  سڄو سارو ڪتاب نه لکيو آهي.  سائين گُل حسن ڪلمتي، محترم عزيز ڪنگراڻي، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ، ڊاڪٽر ذوالفقار ڪلهوڙي، محترم تاج صحرائي، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، علي احمد بروهي ۽ ڪجهه ٻين ليکڪن،  پٿرن تي ٿيل اُڪر يا چِٽساليءَ تي لکيو ضرور آهي پر آئون سمجهان ٿو ته هن موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيرائتي ڄاڻ ۽ چِٽساليءَ جي موضوع تي هڪ مڪمل ڪتاب سڀني کان اڳ ۾سائين بدر ابڙي لکيو آهي…

 هن ڪتاب ۾ سڀ کان اول ته  پٿرن تي ٿيل چِٽسالي يا اُڪرَ جو تعارف ڪرايو ويو آهي، ته اِها آهي ڪهڙي بَلا ! ان کان پوءِ پيرائتي نموني دنيا جي مختلف ملڪن ۾ٿيل اوائلي چِترڪاري جا مثال ڏنا ويا آهن. خاص طور تي سائين بَدر ابڙي؛ يورپ جي اوائلي چِترڪارن، بُت تراشي جي پس منظرَ، ڀيمبيٽڪا ۾ ٿيل چِٽسالي، چِلاس ۾ ٿيل چِٽسالي ۽ بلوچستان ۾ ٿيل آڳاٽي زماني جي چِترڪاري جو ذڪر ڪيو آهي ته جئين پڙهندڙن کي دنيا جي ٻين حصن ۾ ٿيل چِٽساليءَ بابت پڻ ڄاڻ ملي سگهي. ان کان پوءِ سائين بدرابڙي سنڌو ماٿريءَ ۾ موجود پٿري دور جي چِٽساليءَ بابت ڄاڻ ونڊي آهي، جنهن ۾ هو وڏي تفصيل سان تواريخ کان اڳ واري زماني ۽ زرعي دور جي شروعات واري چِترڪاري جي ڳالهه سمجهائي ٿو. پوءِ هاڻوڪي سنڌ ۾ ٿيل نقاشي يا چِترڪاري جي موضوع تي اچي ٿو ۽ اسان کي سنڌ ۾ لَڌل پٿري دور جي نقاشي، ٻُڌڪي دور ۾ٿيل نقاشي ۽ منظر نگاري سان گڏو گڏ  اشوڪا جي دور کان پوءِ ٻُڌ مت جي نين ۽ پُراڻين علامتن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. انهن علامتن ۾ پدمَ، ڪنول، شينهنَ، گھوڙي، هاٿي، ڍڳي، هرڻَ، نانگَ، ڇٽين، جهنڊن، مورن ۽ اسٽوپائن جا عڪس يا علامتون شامل آهن.

تنهن کان پوءِ سائين بدر ابڙو پڙهندڙن کي گنڌارا تهذيب ۽ سنڌ جي باري ۾ ٻڌائڻ سان گڏ سنڌ ۾ وچ ايشيائي قومن جي دخل اندازي ۽ سنڌو تهذيب ۾ خلل پوڻ جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. پوءِ هندو ڌرم جي ادبي تواريخ، ويدڪ دور، برهمڻ دور، سُوترا دور، اُپنشدن، مختلف جنگي داستانن، رامائڻ، مها ڀارت، اشوڪ جي فرمانن، پارٿين، ڪشانن، ۽ هُنن جي باري ۾ مختصر احوال ٻڌائي ٿو.

سائين بدر ابڙو اسان کي ٻُڌ مت جي مختصر تواريخ جي باري ۾ ٻُڌائڻ سان گڏوگڏ ٻُڌ مت جي اسٽوپائن جي باري ۾ به ڏَسُ ڏئي ٿو. سنڌ ۾ هن وقت موجود ٺُلهن يا اسٽوپائن جي ڄاڻَ، جيڪڏهن ڪنهن کي هڪ ئي هنڌ گهربل هجي ته ان کي هي ڪتاب اَوَس پڙهڻ گهرجي. هن ڪتاب جي صفحي نمبر هڪ سو ستاويهه کان پوءِ سائين بدر ابڙو پنهنجن اڙانگن پنڌن، ڏُکن سورن ۽ دردن جي ڳالهه شروع ڪري ٿو ته هُن ڪيئن طبيعت جي نا چاڪي هوندي به پهڻن ۾ پير پِٿون ڪيا ! وسيلن جي اڻ هوند، مالي مشڪلاتن ۽ ڄاڻ سڃاڻ جي کوٽ هوندي به سائين بدر ابڙي وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ هُن کيرٿر سان ياري نڀائي آهي. هو هر اُن ماڳَ تائين پهتو آهي جيسيتائين کيس ڪو سونهون ملي سگهيو آهي! .. سائينءَ جي عشق کي شاباس جنهن جي پختن ارادن ۾ ڪڏهن به جهول ايندي محسوس ڪو نه ٿو ٿئي. جيئن جيئن توهان هي ڪتاب پڙهندا ويندئو، تيئن تيئن توهان کي ائين محسوس ٿيندو ڄڻ توهان پاڻ به سائين بدر ابڙي سان گڏ کيرٿر جون مختلف نيئون، ڪُنبَ ، ڍورا ۽ ڍوريون گهمي ۽ ڏسي رهيا آهيو. هن ڪتاب موجب سائين بدر ابڙي جيڪي ماڳَ مڪانَ لتاڙيا آهن اُهي تمام گهڻا آهن جيڪڏهن آئون انهن سڀني ماڳن جا نالا هتي لکان ته پنج ڇهه صفحا ڀرجي ويندا. ان ڪري آئون هتي رڳو انهن نيئن جا نالا پيش ڪريان ٿو جن ۾ سائين بدر ابڙي چِٽساليءَ جو مشاهدو ڪيو آهي؛ انهن ۾ نَئين سِيتا، نئين گاجَ، نئين ڏِلهه، نئين مزاراڻي، نئين ٿڌو، نئنگ شريف،  نئين انگئي، نئين شانهَرَ، نَئين ڪيهرجِي، نَئين نَري، نَئين ڪُڪڙاڻي، نئين تَڪي، نئين کاشاڻي مٿئين ۽ نئين کاشاڻي هيٺين شامل آهن… هن ڪتاب جو اصل مزو ته صفحي نمبر هڪ سو ستاويهه کان شروع ٿئي ٿو ۽ صفحي نمبر ٽي سو ايڪٽيهه تي ختم ٿئي ٿو. سندس ڪيل سمورو سفر ۽ ڏُک ڏولاوا اِنهن صفحن ۾ پَڙهي، پَسي، پَرکي ۽ پَروڙي سگهجن ٿا. منهنجي قلم کي ايتري طاقت ناهي جو سائين بدر ابڙي جي ڪيل ڪشالن کي لفظن جو لباس پارائي توهان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري سگهان. ان لاءِ توهان کي هي سمورو ڪتاب پڙهڻو پوندو. هي ڪتاب تواريخ ۽ تحقيق وارن شاگردن ۽ شوقينن لاءِ وڏي ڇِڪَ ۽ تانگههَ جو سبب بڻيل آهي. هن ڪتاب کي ڇپيي ڏهن سالن کان وڌيڪ وقت گُذري چُڪو آهي ۽ هن جو پهريون ڇاپو ڪتاب گهرن تان ختم ٿي چُڪو آهي. ڪتابَ ڇپيندڙ ادارن کي هٿ ادب جا ٻڌي وينتي ڪجي ٿي ته قرب ڪري هن ڪتابَ جو ٻيو ڇاپو جلد کان جلد مارڪيٽ ۾ آڻين ته جيئن عِلم جا پِياسا هن امرت ڌارا منجهان پيِ ، پُر ٿين!

ڪتابَ جي آخر ۾صفحي نمبر ٽي سو ٻٽيهه تي بدر ابڙي صاحب انهن پنجويهه عدد ماڳن جي لانڍ ڏني آهي جتي هُن پنهنجي سر پاڻ تڪليفون برداشت ڪري، هلي وڃي پٿرن تي ٿيل چِٽساليءَ جو مشاهدو ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو وقت جي گهٽتائي جي ڪري هي سمورو ڪتاب نه پڙهي سگهي ته اهو رڳو هن ڪتاب جو صفحو نمبر ٽي سو ٻٽيهه کولي ۽ هيٺ ڏنل پنجويهه عدد پٿرن تي ٿيل چِٽساليءَ وارن ماڳن جي لانڍَ تي نظر ڦيرائي؛

  1. ڏِلهه سيتا ڏاٺ 2. چِٽن واري ڀَر 3. بِيلو (هڪ) 4. بِيلو (ٻه) 5. اُونهاڙ ڪوٽيرو 6. ڪارا روها 7. ماڙيءَ جو ڪُن 8. ڪيهر جو ڪونڊو (هڪ) 9. ڪيهر جو ڪونڊو (ٻه) 10. چَکري 11. شانهر ڪيهرجي لَڪَ. 12.رونگاڻ 13. سُور وارو ڪوٽيرو اسٽوپا 14. ٽُنگارو 15.هُونڊ ڪُنڀ 16. باهِڻي سائيٽ 17. گهَٽَ وارو لڪُ 18. واڙو 19. چاڪر گٺ يا سَدو مَزو 20. ڪارو ڪوٽ 21.چِٽِي 22. ڪَلري پاڇَلَ 23. چچڙ ڍورو 24.کاشاڻي مٿين ۽ 25. کاشاڻي هيٺين.

هن ڪتاب لکڻ لاءِ  سائين بدر ابڙي اوڻٽيهه ڪتابن جي مدد ورتي آهي، انهن جي لانڍَ به هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي ۽ ڪتابَ جي پڇاڙيءَ ۾ڏِسڻي پڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب جا ٽوٽل صفحا ٽي سو ايڪونجاهه آهن، قيمت رڳو اٺ سو روپيا اٿس ۽ هي ڪتابُ سال 2011ع ۾ سنڌ جي قديم نوادرات/ آثارن واري کاتي ڇپرايو هو.

                                                                                                   

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.