پيناڊول جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري مهانگي ۽ غيرمعياري دوا لاءِ دڳ کولڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڊاڪٽرن پاران ڏنو ويندڙ عام نسخو پيناڊول سڄي ملڪ جي اسٽورز تي ناياب ٿيندو پيو وڃي جنهن بابت حيرت جوڳو انڪشاف سامهون آيو آهي ته هن دوا کي هٿرادو طريقي سان شارٽ ڪري نئين دوا جي وڪري لاءِ دڳ کوليا پيا وڃن.

ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل پاڪستان هلندڙ سال 16 مئي 2022 تي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل کي هڪ لکيو جيڪو وائرل ٿي ويو آهي.

خط ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل چيو آهي ته کين اهڙيون شڪايتون مليون آهن ته پاڪستان ۾ پيراسٽامول جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي.

پيناڊول جي هٿرادو شارٽيج ڪري نئين آيل پيراسٽامول کي ٽيڻي اگهه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي.

خط ۾ اهو الزام لڳايو ويو آهي ته هڪ سال کان فارماسيٽيڪل ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ پيناڊول جي شارٽيج ڄاڻي واڻي ڪئي وئي آهي جيئن نئين آيل پيراسٽامول کي سولائي سان مارڪيٽ ۾ وڪڻي سگهجي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل موجب نئين پيراسٽامول تي سڄي دنيا ۾ پابندي آهي ڇو ته اها صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي پر ان جي باوجود پاڪستان ۾ نئين پيراسٽامول جو وڪرو جاري آهي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته هن سموري عمل ۾ هڪ سرڪاري اداري جا اعليٰ عملدار به ملوث آهن ۽ ان حوالي سان 6 مئي تي اخبارن ۾ رپورٽ به ٿيو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۾ پيناڊول هر گهر جي راشن جو حصو بڻجي چڪي آهي، وڏي انگ ماڻهو پيناڊول خريد ڪندا آهن ۽ هاڻي هڪ نئين پيناڊول وڪڻي پئي وڃي جنهن بابت دعويٰ آهي ته اها فوري رليف ڏئي ٿي.

پيناڊول کي شارٽ ڪري وڪرو ڪئي ويندڙ نئين دوا جا اشتهار به لاڳيتو ٽي وي تي هلايا ويا آهن.

حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي جو جنهن دوا تي سڄي دنيا ۾ پابندي آهي ان جو وڪرو پاڪستان ۾ ڪيئن ممڪن ٿيو؟

ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي سڄي دنيا ۾ بين ڪيل دوا کي پاڪستان ۾ وڪري جي اجازت نيٺ ڪيئن ڏئي ڇڏي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.