عورتن جا سماجي ۽ معاشي مسئلا ۽ بجيٽ

مقبول ملاح حيدرآباد

وومين ايڪشن فورم ۽ عورت مارچ حيدرآباد جي اڳواڻن 14 جون تي سنڌ حڪومت طرفان پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ سنڌ جي عورتن جي اھم مسئلن تي بجيٽ رکڻ جو مطالبو ڪيو آھي. اھڙو مطالبو عورت آزادي مارچ  ۾ بھ ڪيو ويو. اڳواڻن پروفيسر ڊاڪٽر عرفانا ملاح، امر سنڌو، حسين مسرت، عطيا دائود ۽ روبينا چانڊيو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کي خط لکي چيو آھي تھ  اسين، عورت مارچ حيدرآباد سنڌ جا نمائندا عورتن ۽ ڇوڪرين جي سماجي ۽ معاشي  مسئلن تي اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيون ٿا.

اسين سمجھون ٿا ته گذريل ڏھن ٻارھن سالن کان حڪمراني واري ڍانچي ۾ عورتن جي سياسي شموليت، عورتن جي حقن جي ڏس ۾ ٿيندڙ  قانون سازي ۽ پاليسي سازي جي لحاظ کان مثبت نتيجا مليا آهن، تنهن هوندي به  اڃان ڪيترائي چيلينجز ۽ رڪاوٽون آهن، جيڪي حڪومتي سطح تي اڃان وڌيڪ  ڌيان طلب آھن، عورتن جي حقن جي حقيقي حاصلات لاءِ  حڪومتي سطح تي پڻ وڌيڪ صنفي حساسيت رکندڙ عوامي پاليسي جوڙڻ ۽ ان تي عمل درآمد ذريعي دور ڪرڻ جي ضرورت آھي. ان ۾ پڻ اوليت جي لحاظ کان  تعليم ۽ روزگار ٻه شعبا اهڙا آهن، جتي عورتن کي گهڻي حد تائين سهولت ڏيڻ جي ضرورت آهي. دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي مثال  موجود آهن ۽ خاص طور ترقي پذير ملڪن ۾  تعليم ۽ روزگار عورتن جي مجموعي بااختيارگي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻو حصو ڏين ٿا.

هن وقت سنڌ ۾ عورتون 48 سيڪڙو آبادي تي ٻڌل آهن ۽ سنڌ ۾ پورهيتن ۾ عورتن جي شموليت صرف 11 سيڪڙو آهي، جڏهن ته مردن جي 49 سيڪڙو آبادي آهي.  مختلف مطالعي ۽ عام مشاهدن مان معلوم ٿئي ٿو ته عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڪيترن ئي چئلينجن ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، بشمول وڏن شهرن ۽ مرڪزن ۾ محفوظ ۽ سستي ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جي سهولتن جي کوٽ، جتي اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا موقعا موجود آهن. ان کان علاوه والدين به مختلف سببن جهڙوڪ غربت، پُٽ جي ترجيح، سماجي ۽ ثقافتي مجبوريون وغيره وغيره جي ڪري ڇوڪرين جي اعليٰ تعليم کي ترجيح ناهن ڏيندا.

مٿين حوالن کي نظر ۾ رکندي، هڪ چونڊيل جمهوري حڪومت جو اهو اولين فرض آهي ته، اها پنهنجي ذميواري پوري ڪري ته جيئن عورتن جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهي پنهنجي ڀرپور صلاحيت کي استعمال ڪري سگهن.

عورت مارچ حيدرآباد مختلف پليٽ فارمن ذريعي عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ موقعن لاءِ  وڪالت ڪري رهيو آهي. اسان سنڌ حڪومت تي زور ڀريون ٿا ته صنفي برابري جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ  هيٺين معاملي تي فوري طور تي فعال قدم کنيا وڃن

خط ۾ اھو پڻ مطالبو ڪيو ويو تھ سنڌ جي ٽن وڏن شھرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ورڪنگ وومين ھاسٽلن ٺاھڻ لاءِ  بجٽ رکي وڃي، جيئن مختلف شھرن ۽ ٻھراڙين مان اعليٰ تعليم ۽ نوڪري لاءِ  ايندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين کي سنڌ حڪومت پاران محفوظ ۽ سستي رھائش مھيا ڪري ڏجي، شاگردياڻين کي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين تائين پھچڻ لاءِ  آسان ٽرانسپورٽ جي سھولت مھيا ڪري ڏني وڃي، ان لاءِ  ڄامشوري جي ٽن وڏين يونيورسٽين جي شاگردياڻين لاءِ  اسڪوٽي اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو مطالبو، حيدرآباد توڙي ٻين وڏن شھر جي پسگردائي ۾ رھندڙ مزدور ۽ ھاري عورتن کي روزگار يا ڏھاڙي لاءِ  شھر اچڻ ۽ مارڪيٽ تائين پھچڻ لاءِ  بس ٽرانسپورٽ مھيا ڪئي وڃي ۽ سندن ذاتي ڪاروبار ۽ روزگارلاءِ  آسان قسطن تي رڪشا، ۽ چنگچي لاءِ  بنا سود قرضن جي فراهمي لاءِ  بجٽ رکي وڃي

سنڌ ۾ عورتن خلاف وڌنڌڙ تشدد کي مد نظر رکي ضلعي سطح تي شيلٽر ھائوس ٺاھڻ جي پڻ بجٽ رکي وڃي.

دارالامان توڙي عورتن سان لاڳاپيل ٻين شعبن ۾شعبن عملي جي بجائي عورتن کي نوڪري تي رکيو وڃي. مونسپل پالٽي کان ويندي پوليس ۽  عدالتن تائين عورتن جي ڪوٽا مطابق عورتن جي ڀرتي ڪئي وڃي

ڪيتريون ئي عورتون وڏن شهرن ۾ رسمي ملازمت لاءِ  شھرن ۾ نوڪري ڪرڻ  جون خواهشمند آهن. اهڙين سهولتن سان سڄي صوبي مان سندن روايتي ۽ غير روايتي نوڪرين ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

اھو پڻ مطالبو ڪيوويو تھ اعليٰ تعليم جي ميدان ۾ ڇوڪرين لاءِ  ضرورت جي بنياد تي اسڪالرشپ ڏني وڃي

اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ هن وقت سنڌ ۾ 26 سرڪاري يونيورسٽيون ڪم ڪري رهيون آهن. مليل انگ اکر اعليٰ تعليم ۾ صنفي متڀيد جي نشاندهي ڪن ٿا. يونيورسٽي جي سطح تي، ميڊيڪل يونيورسٽين کان سواءِ عوامي شعبن جي يونيورسٽين ۾ صرف 13 کان 30 سيڪڙو ڇوڪرين جي داخلا آهي. سماج جو غريب طبقو ئي سرڪاري يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ جي سگهه رکي ٿو. شاگردياڻيون جيڪي اڳ ئي مختلف سطحن تي امتيازي سلوڪ جو شڪار آهن، اهي فيسن ۾ واڌ سبب وڌيڪ ڪمزور ٿين پيون. ڪيترائي والدين جيڪي پنھنجن ڌيئرن کي موڪلڻ لاءِ  تيار آھن پر اھي سندن فيس ادا ڪرڻ کان قاصر آھن. ضرورت جي بنياد تي اسڪالرشپ غربت جو پسمنظر رکندڙ ڇوڪرين کي اعليٰ تعليم ۾ حصو وٺڻ جي سهولت فراهم ڪندو.

ان کان علاوه، اهو به ياد رکڻ گهرجي ته مٿيون سڀ تجويزون/سفارشون ڳوٺاڻي عورتن/ڪميونٽي طرفان آيون آهن، ڇو ته انهن گذريل سالن کان عورت مارچ ۾ سرگرم حصو وٺنديون رهيون آهن. توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته ٻين عورت مارچن سان گڏ پاڪستان جي وڏي شهر حيدرآباد ۾ عورت مارچ پڻ پنجن سالن کان وٺي عورتن جي عالمي ڏينهن تي وڏو احتجاج ۽ ريلي ڪڍي رهيو آهي. هر سال عورت مارچ، سنڌ جي عورتن جي مطالبن تي ڌيان ڏيڻ واري سَڏ ڪميونٽي طرفان ڊمانڊ جي چڱي طرح دستاويزي ڊارفٽ سان گڏ اچي ٿو، جيڪو اڪثر ڪري ڳوٺاڻن هارين ۽ پورهيت طبقي سان تعلق رکي ٿو، مسودو عام مطالبن جي نمائندگي ڪري ٿو بهرحال هن خط ذريعي اسان مطالبو ڪريون ٿا ته عورتن لاءِ  وڌيڪ حساس علائقنِ لاءِ  بجيٽ مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي. ان ڪري گذارش آهي ته مٿي ڄاڻايل علائقن لاءِ  بجيٽ مختص ڪئي وڃي.

ان کان علاوه، عورت مارچ حيدرآباد مٿي ذڪر ڪيل مطالبن/ تجويزن تي حڪومت سنڌ سان وڌيڪ بحث ڪرڻ ۽ گڏ ڪم ڪرڻ، صلاح مشورا ڪرڻ سميت ٻيو تعاون وڌائڻ لاءِ  پڻ تيار آهي. اسان ماضي ۾ حڪومت سنڌ جي عورتن جي حامي ڪارنامن کي تسليم ڪندي اميد ڪريون ٿا ته اهي تجويزون ايندڙ بجيٽ سيشن ۾ عمل ۾ اينديون.

ان خط جي روشني ۾ پنھنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ  خميس ڏينھن عورت مارچ حيدرآباد جي اڳواڻ عورتن امر سنڌو، حسين مسرت، روبينا چانڊيو ۽ روزينا جوڻيجو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي واضع ڪيو تھ جيڪڏھن اھڙي بجيٽ نھ رکي وئي تھ ھو عورتن جي ان جائز ۽ حقيقي مطالبن کي پنھنجي جدوجھد جي مطالبن ۾ مک ايجنڊا طور رکنديون ۽ ان کي پنھنجي تحريڪ ۾ شامل ڪنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.