وفاقي وزيرن کي پيٽرول جي مد ۾ ملندڙ رعايتون ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي: فيصل سبزواري

اسلام آباد (م ڊ) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير فيصل سبزواري چيو آهي ته وزيراعظم سان وفاقي وزيرن کي پيٽرول جي مد ۾ ملندڙ رعايتون ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ فيصل سبزواري وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته انتهائي مشڪل حالتن ۾ ضروري آهي ته وفاقي حڪومت، ڪابينه ۽ گريڊ 18 کان مٿي آفيسرن کي ملندڙ فيول روڪيو وڃي يا ان ۾ خاطرخواه گهٽتائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ان فيصلي جي شروعات وفاقي ڪابينه کان ڪئي وڃي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.