ون يونٽ ۾ سنڌ جي تاريخي حيثيت مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي، ادب سان اوج واپس آڻي سگهجي ٿو: سردار شاهه

ڪراچي ( رپورٽ : شفقت نوناري ) سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي خدمتن جا پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي تنظيم جي ٽن ڏهاڙن جي گولڊن جوبلي تقريب آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ڪوٺائي وئي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سگا چيئر پرسن مهتاب اڪبر راشدي چيو ته سگا جيڪو پنجاهه سال اڳ ڪم شروع ڪيو اسان جي ڪم آهي ته ان کي اڳتي وڌايون ۽ جن ساٿين ڪم ڪيو آهي انهن جي موجودگي ۾ سندن خدمتن جو اعتراف ڪيون هن وڌيڪ چيو ته سگا واحد سماجي تنظيم آهي جيڪا هڪ تسلسل سان قاعدن موجب هلي پئي جيڪو ڪم شروع ٿيو هو اهو رڪيو ناهي جاري آهي سگا بنيادي شين تعليم، صحت، روزگار لاءِ تاريخي ڪم ڪيو آهي ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته اسين محنت ڪري هڪ تنظيم جوڙي سين اڄ ان جون واڳون نوجوانن جي حوالي ڪيون آهن 70 سيڪڙو نوجوان صحت، ادب، تعليم جي شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن اميد ته نوجوان ساٿي ايندڙ وقت ۾ سماجي شعور لاءِ پاڻ پتوڙيندا سڪريٽري جنرل سگا ولي محمد روشن چيو ته سگا جي سنڌ ۽ قوم سان ڪميٽيڊ آهي اسان جو بنيادي ڪم سماجي سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي ٻيون تنظيمون ٺهڻ بعد وکري ويون پر سگا مستحڪم ٿي آهي جنهن جو سبب سماجي خدمتن وارن جذبن سان ڀرپور رضاڪار آهن اسان جي سوچ آهي ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ اندر پرامن سماجي ڀلائي جو انقلاب برپا ڪنداسين پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته سگا ڊاڪٽر سليمان شيخ جو خواب هو جنهن جي ساڀيان ٿي سڄي ملڪ ۾ سگا جون 124 شاخون آهن جن ۾ 10 هزار ڪارڪن ڪم ڪن پيا ٻهراڙي جي تعليم تي سگا خاص ڪم آهي نياڻيون پڙهنديون ته سماج سڌرندو ۽ سنڌ ترقي ڪندي پروفيسر فهيم نوناري چيو ته سگا ضياء واري آمريت ۾ به سرگرم رهي جنهن دور ۾ سڀ تنظيمون لڪي ويون هيون سگا جي ٻاريل لاٽ روشني پيدا ڪئي آهي روشن تارا اسڪول سگا جو اهم ڪارنامو آهي ۽ خاص طور تي مڊل ڪلاس جي ماڻهن ۾ اڳتي آئڻ ۾ سگا وڏو ڪم ڪيو آهي اديب ادل سومرو چيو ته سگا 50 سال مسلسل جدوجهد ڪئي آهي ۽ خاص طور تي ادب ۽ ثقافت جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ اهم ڪيو آهي سگا جا ساٿي ٿڪيا ناهن بلڪي اڳتي وڌيا آهن تاج محمد وساڻ چيو ته سگا 50 سالن کان تعليم لاءِ جاکوڙي پئي ۽ سڄي ۾ سڀ کان وڌيڪ مفت طبي ڪيمپون لڳائي علاج ڪيو آهي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ نياڻين لاءِ هڪ هاسٽل قائم ڪئي آهي سگا باڊهه برانچ صدر عبدالرزاق سومرو چيو ته سگا سڄي ۾ گريجوئيٽ گڏ ڪري بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي ۽ سماجي ناهموارين کي هموار ڪيو آهي سگا 50 سالن کان سماجي ترقي لاءِ جاکوڙي پئي سڀني گريجوئيٽ ماڻهن کي اپيل آهي ته هن فورم تي گڏ ٿي سنڌ لاءِ ڪم ڪن عبدالله نوناري چيو ته تقريب ۾ اڳوڻي ايم پي اي سورٺ ٿيٻو، قانون جو اڳوڻو سڪريٽري اسلم شيخ، رفيق احمد جعفري، منظور اڄڻ، سبين شهباز، ڊاڪٽر عابده گھانگھرو،محمد سليمان وساڻ، ،فريده ميمڻ، اسماعيل پنهور، شبنم موتي، سيما عباسي، بيدل مسرور، شبنم گل، بسما شاهه، رفيق سرهيو، يونس مهر، سرور ڀٽو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ ايوارڊ ۽ سوکڙيون پڻ تقسيم ڪيون ويون ۽ آخر ۾ محفل موسيقي ۾ فنڪارن پنهنجا سر وکيريا. وزير تعليم ۽ ثقافت سيد سردار شاهه سگا جي گولڊن جوبلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ون يونٽ ۾ سنڌ جي تاريخي حيثيت مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ۽ ان دور ۾ محسوس ٿيو ته اهو ادب ۽ ثقافت ئي آهي جنهن سان سنڌ جو اوج ۽ تاريخي واپس آڻي سگهجي ٿي هن وڌيڪ چيو ته سگا هڪ غير معمولي ادارو آهي جنهن نئين سماج جي تشڪيل لاءِ بنياد رکيا سگا جيڪو 50 سالن جو شاندار سفر ڪيو آهي ان تي سگا باني ڊاڪٽر سليمان شيخ کي سلام پيش ڪجي ٿو سگا اندر مهتاب اڪبر راشدي کي سربراهه جي حيثيت سان مقرر ڪرڻ هڪ غيرمعمولي فيصلو آهي مهتاب اڪبر ۽ اسان جي قائد شهيد بينظير ڀٽو هڪ ئي مٽيءَ مان جنم ورتو ۽ ڀر ۾ شاندار تهذيب موئن جو دڙو به موجود آهي جتي عورتن جو به شاندار ڪم رهيو اسين عاليشان عورت تاريخ جا وارث آهيون سنڌ جو پراڻو عروج موٽڻو آهي جنهن کي عورت ئي واپس آڻيندي آبادي جو اڌ حصو عورت آدم شماري کي برابري حاصل نه هوندي تيستائين سماج نه سڌرندو

سگا کي يوٿ کي گڏ ڪرڻو پوندو تعليم رڳو روزگار نه پر اونداهي کان روشني ڏانهن سفر آهي اسين 50 هزار استاد پيا ڀرتي ڪيون سو استادن کي ايمانداري سان پڙهائڻ گهرجي اميد ته سگا نئين نسل کي هڪ مالها ۾ پوئيندي بحيثيت وزير تعليم ۽ ثقافت هر تعاون رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.