ميهڙ جي اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن ۾ بجلي جي ٽرانسفارمر مان باهه لڳڻ ڪري 5 گاڏيون سڙي ويون.
اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن مٿان لڳل بجلي ٽرانسفارم کي اوچتو باهه لڳي وئي.
باهه لڳڻ سبب ٿاڻن تي مختلف ڪيسن ۾ بيهاريل 5گاڏيون سڙي رک ٿي ويون.
فائر برگيڊ عملي واقعي واري هنڌ پهچي علائقي واسين جي مدد سان باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو.