ڪوٽڙي ۾ مسلم ٽائون جي رهواسين جو پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ مسلم ٽائون جي رهواسين پاران پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

عباس  چانڊيو، لطيف ڀٽي، طالب کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين ڊي سي آفيس آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي نااهلي سبب مسلم ٽائون ڪالوني ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي.

سندن چوڻ هو ته کوٽ سبب پورهيت طبقو پئسن عيوض پاڻي خريدڻ تي مجبور آھي، جڏهن ته بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود دانهن نٿي ورنائي وڃي.

رهواسين ڊي سي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور مسلم ٽائون ۾ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.