مٽياري ويجهو رڪشا ڪلٽي، 5 ڄڻا زخمي

مٽياري (ت ر)ڪوٽڙي کان ڀٽ شاهه لطيف سرڪار جي زيارت لاءِ ويندڙ زائرين سان روڊ حادثو، رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  زخمين کي تعلقي اسپتال مٽياري آندو ويو جتي طبي امداد ڏيئي کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ ٻارڙا، عورتون به شامل، زخمين ۾ مسمات عزيزان سولنگي، مسمات پناهه خاتون، ٻارڙي ثمينه، ٻارڙي افشانا، نظير سولنگي شامل آهن، اسان سڀ ڪوٽڙي کان ڀٽ شاهه لطيف سرڪار جي زيارت لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته مٽياري ڀرسان رڪشا ڪلٽي ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.