وڏيرا شاهي  نظام خلاف نوجوان قيادت کي اڳتي اچڻو پوندو

ابوبڪر لاڙي

 

سنڌ جي اڄ جي صورت حال کان ڪير به بي خبر ناهي۔ سنڌ جي بدحالي جو تاج ڪنهن جي سر تي آهي اهو به ڪنهن کان لڪل ناهي۔ پر ان ۾ ڪجهه ڪوتاهيون اسان جون به آهن ،اسين به غفلت جي  زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون۔ اسين باشعور ۽ تعليم يافته سان گڏوگڏ غير زميوار به آهيون۔ اسان سنجيده ٿيڻ نٿا چاهيون،

اسان کي شايد پنهنجي قابليت تي ڀروسو ناهي! اسين هميشه کان ڪوڙن واعدن ،آسرن ۽ اميدن تي بيوقوف بڻجي رهيان آهيون اسين اڃا ان اميد تي ڀوتارن جي سلامي ڏيندا رهيا آهيون ته نوڪريون ڏيندا روزگار جا سبب پيدا ڪندا۔

پر اهيو ممڪن ناهي ، ڀوتارن کي سلامي ڏيڻ جي بجاءِ پنهنجي حق لاءِ هڪ جاکوڙي ڪردار ادا ڪريون۔ اڄ ائين نه ڪيوسين ته نسل در نسل غلامي ڏينداسين۔  اڄ اسين سڀاڻي اسان جو ايندڙ نسل غلامي ڏيندو۔ غلامي کي گار سمجهي پنهنجي جنگ پنهنجي ڳوٺ ، پنهنجي شهر جي غريب عوام جو آواز بڻجي بدحالي ڏانهن ويندڙ پنهنجي بي سمجهه ماڻهن کي روڪيون۔ اهيو وساري ڇڏيون ته رئيس ڀوتارن ڇا ڏنو؟ بلڪه پاڻ کان اهو طئي ڪرڻو آهي ته ڇا اسان کي وڏير شاهي نظام کان آزادي گهرجي؟

جيڪڏهن گهرجي ته ميدان ۾ لهي پئون پنهنجي قابليت تي ڀروسو رکي وڏيرن رئيسن سان اکيون اکين  ۾ ملائي  پنهنجا پنهنجا مورچا سنڀاليون۔ نوجوان قيادت جڏهن متحد ٿي اڳتي ايندي ته  وڏيرا شاهي نظام گهڻي دير پنهنجي حيثيت برقرار نه رکي سگهندو۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.