ساماري ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج ،ميرپورخاص-عمرڪوٽ روڊ تي ڌرڻو

سامارو (ن ع آ) ساماري ۾آ ڇتا مائينر جي مختلف واٽرڪورسن جي ننڍن آبادگارن سلطان خاصخيلي. قربان ڀٽي. علي بخش .سونو ميگهواڙ. يوسف آرائين ۽ عامر پنجابي  جي اڳواڻي  ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو  ھڻي ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب عمرڪوٽ ۽  ميرپورخاص ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل   ٿي وئي. ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته آبپاشي ايس ڊي او مولا  بخش  لغاري ۽ سندس عملو گذريل ڳچ  عرصي کان اسان جا  وارا ماري ڪڏھن اٺاويھون  ته ڪڏھن اھو به گيج گھٽائي  پاڻي ڏئي رهيو آهي، پآڻي نه هئڻ ڪري  فصل سڪي ناس ٿي ويا آھن.هنن چيو ته هڪ طرف فصلن لاءِ  پاڻي ناهي ٻئي طرف پيئڻ جو  پاڻي به ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي. ھنن چيو ته سامارو آبپاشي ايس ڊي او ۽ سندس عملو سب ڊويزن ۾  اسان ننڍن  آبادگارن جو پاڻي ڳرين رشوتن عيوض بااثر وڏن  آبادگارن کان  پائيپ ونجھيون روٽر مشينون ۽ مختلف شاخن تي ڳنڍا ڏياري ڏينھن رات  سرعام پاڻي وڪرو ڪري اسان جون زمينون بنجر بنائي اسان کي معاشي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته ڇتو مائينر تي وارا بندي تحت پندرهون پاڻي تي به مسلسل پاڻي ڏئي ڇته مائينر جو پاڻي ڳري رشوت  عيوض پاڻي جي غير منصفاڻي  ورڇ ڪري ۽ خاص ڪري جمع  جي ڏينھن پاڻي وارن جي ننڍن ڪلاڪين آبدگارن پاران رشوت  نه ڏيندڙ اسان ننڍن آبادگارن جا پاڻي وارا ماري شاخ اڳ پٺ  ڪري کولي گيج گھٽائي اسان  جو پاڻي ٻين شاخن تي واڌي ۾ ڏينھن ڏئي وڪرو ڪيو پيو  وڃي ھنن اعلي’ اختيارين کان  مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته سامارو سب ڊويزن آبپاشي جي ايس ڊي او ۽ سندس عملي کي فوري ھٽائي فرض شناس ايس ڊي او ۽ ٻيو عملو مقرر ڪري پاڻي جي وارا بندي ۾ منصفاڻي ورڇ ڪرائي اسان جون زمينون بنجر بنجڻ ۽ معاشي ڪنگالي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.