خيراتي مهم ۾ ڀاڄ، 30 ڄڻا مارجي ويا

ابوجا  (ويب ڊيسڪ) نائيجيريا جي شهر پورٽ هارڪورٽ جي چرچ ۾ هڪ تقريب دوران ڀاڄ پوڻ سبب 30 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

نائيجيريا جي سول ڊيفنس فورس جي ترجمان چيو ته مارجي ويلن ۾ گھڻو انگ ٻارن جو آهي.

هي واقعي مقامي پولو ڪلب ۾ ٿيو جتي ڀرسان واقع چرچ طرف خيراتي تحفا ورهائڻ واري تقريب جاري هئي.

عطين جي ورهاست دوران شرڪت ڪندڙ بدنظمي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڀاڄ پئجي وئي.

ٻئي پاسي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته تحفا ورهائڻ جو عمل شروع نه ٿيو هو.

هن چيو ته هڪ هجوم ڪلب جو دروازو ٽوڙي داخل ٿيو جنهن ڪري ڀاڄ پئجي وئي.

پوليس ترجمان 31 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته هن واقعي کانپوءِ 7 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.