ڪراچي: ميمڻ ڳوٺ ۾ جيهڙو، فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

سينيئر سپرينٽنڊنٽ پوليس (ايس ايس پي) ملير عرفان علي بهادر موجب واقعو ملير ميمڻ ڳوٺ جي علائقي درساڻو ڇنو ۾ زمين جي تڪرار تان پيش آيو، پوليس جي وڏي نفري علائقي کي پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ وڌيڪ نفري گھرائي وئي.

ايس ايس پي ملير موجب پلاٽ تي مالڪي جي تڪرار تان ٻنهي گروپن ۾ فائرنگ ٿي، جھيڙو جوکين ۽ حيدري فقير ڌرين وچ ۾ ٿيو.

هن وڌيڪ چيو ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪري رهي آهي، واقعي ۾ ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 8 ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته ٻن ڄڻن اسپتال نيئندي دم ڏئي ڇڏيو.

ايس ايس پي عرفان بهادر موجب مارجي ويلن ۾ ٻنهي برادرين جا ماڻهو شامل آهن، ٻنهي برادرين ۾ علائقي ۾ چوري جي وارداتن تي به تڪرار هلندو رهيو آهي،  جوکيا برادري جو الزام هيو ته حيدري فقير برادري جا ڪجهه نوجوان ان وارداتن ۾ ملوث آهن.

ايس ايس پي ملير موجب جوکيا برادري مخالف برداري جي ماڻهن کي ڏوهاري ماڻهن کي علائقي مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو هو، ڏيڍ سال کان جاري ان تڪرار تي ٻنهي گروپن جي هٿياربندن ۾ جھيڙو ٿيو.

ايس ايس پي موجب پوليس جي وڏي نفري صورتحال ڪنٽرول ڪري ورتي آهي، جھيڙي ۾ ملوث ماڻهن جي ڳولا ۽ سڃاڻپ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته پوليس ٻنهي ڌرين جي 15 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

عرفان بهادر موجب پوليس جي وڏي نفري علائقي کي پنهنجي گھيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.