ميروخان ۾ سيڪريٽري فوڊ پاران ڪڻڪ جو ذخيرو ڪندڙ واپارين جي گودامن تي ڇاپا

ميروخان  ۾ سيڪريٽري فوڊ جي نگراني ۾ ڪڻڪ جو ذخيرو ڪندڙ واپارين جي 20 گودامن تي ڇاپا ھڻي سيل ڪيا ويا

ميروخان تعلقي اندر ڪڻڪ جو ذخيرو ڪندڙ واپارين جي گودامن ۽ دڪانن تي انتظاميا طرفان ڇاپا ھڻڻ جو سلسلو جاري آھي ميروخان لڳ حاڪم شاھ ۾ سيڪريٽري فوڊ جي نگراني ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مختيارڪار طرفان عبدالغفار بروھي گلشن بروھي ڄام خان شبير احمد صدام حسين سميت 20 ڪڻڪ  جي گودامن ۽ دڪانن  تي ڇاپا ھڻي سيل ڪيا ويا آھن رابطو ڪرڻ تي سيڪريٽري فوڊ راجا خرم ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر چيو آھي ته وارين ريٽ وڌڻ جي ڪري ڪڻڪ ذخيرو ڪئي آھي جنھن ڪري صوبي اندر ڪڻڪ جي کوٽ آھي پنجاب کان ڪڻڪ اچڻ ڪري ريٽ گھٽ ٿي ويندو ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته جيڪڏھن دوڪاندارن ۽ واپارين تعاون نه ڪيو ته سندن جي سموري ڻڪ سرڪاري ريٽ تي کنئي ويندي ۽ انھن خلاف سخت قانوني ايڪشن کنيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.