جمالي پل لڳ اقليتي برادري جي جهڳين مٿان ڪاهه، ڊاهي پٽ، ڌرڻو

گلشن اقبال (رپورٽ : شفقت نوناري )جمالي پل ڀرسان قائم اقليتي برادري جي جھڳين مٿان ايف ڊبليو جي ٽيم انسپيڪٽر  اورنگزيب ھزاريوال جي اڳواڻي ۾ پھچي باگڙي برادري جون سوين جھڳيون ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيون ان موقعي تي سنڌ آباد تنظيم جي چيئرمين فرخ شاھ سرھندي، ھيومين رائيٽس جسٽس آرگنائيزيشن ڪراچي ڊويزن جي صدر ھارون جمالي، حيدرعلي مگسي، پپن سامي، شوڪت علي، جسم اڳواڻ امداد چاچڙ۔  مولانا امجد رباني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باگڙي برادري جي ماڻهن ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪيو۔  ان موقعي تي سنڌ آباد جي اڳواڻ فرخ شاھ سرھندي۔  ھيومين جسٽس جي اڳواڻ ھارون جمالي احتجاج کي خطاب ڪندو چيو ته ايف ڊبليو جي انسپيڪٽر  اورنگزيب ھزاريوال مسڪين ماڻهن مٿان ظلم ڪري رھيو آهي۔  ھنن چيو ته اسان ڪنهن زمين تي ڪو به ناهي ڪيو جنهن زمين تي اسان ويٺا آھيون اتي اسان کي سنڌ حڪومت پاڻ ويھاريو آهي ھن کان اڳ ۾ اسان سان پي ٽي آء جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين پڻ ظلم ڪيو ھو جنهن جو پڻ اسان ڪيس ڪورٽ ۾ وڙھي رھيا آهيون  ھن چيو ته ايف ڊبليو جي انسپيڪٽر اورنگزيب مسڪين ماڻهن مٿان ظلم ڪري رھيو آهي ۔  ھنن چيو ته انسپيڪٽر  اورنگزيب ھزاريوال مسڪين اقليتي برداري کان ھڪ ھڪ جھڳيء تي ھزار روپيا ڀتو گھري رھيو آهي جيڪو نه ڏيڻ جي تي ايف ڊبليو جي انسپيڪٽر  ڪارروائي ڪندي ڪيتريون ئي جھڳيون ۔  مدرسو  ۽ پاڻي جي ٽانڪي پڻ ڊاھي پٽ ڪري ڇڏي آهي ۔  ھنن سنڌ حڪومت۔  پ پ چيئرمين ۽ پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيوـوڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.