ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ ٿيندڙ چئن مختلف بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا مارجي ويا آهن.
اربع ڏينهن مزار شريف ۾ ٽن ننڍين مسافر بسن ۾ ڌماڪا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ اتي گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿيا.
مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جڏهن ته داعش انهن حملن جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
هوڏانهن گذريل ڏينهن ڪابل جي هڪ مسجد ۾ به بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 6 ڄڻا مارجي وڃڻ ۽ 18 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
واضح رهي ته طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهڙين ڪارروائين ۾ گهٽتائي ٿي هئي پر رمضان مهيني کان داعش پنهنجي ڪارروائين ۾ واڌ ڪئي آهي.