ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) ايبٽ آباد ۾ اسڪولي وين کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب 4 ٻار فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.
ايبٽ آباد پوليس موجب اسڪول وين ٻارن کي واپس کڻي وڃي رهي هئي ته پنڊ ڪرگو خان ڀرسان حادثي جو شڪار ٿيوئي.
حادثي جي نتيجي ۾ 4 ٻارڙا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا آهن.
ريسڪيو اهلڪار شروعاتي طور تي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ فوت ٿي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڪجهه ٻارن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.