ويڪسينز ذريعي ڪووڊ جي ڊگهي مدت وارين علامتن کان تحفظ ناهي ملندو : تحقيق

ڪوويڊ ويڪسينز ذريعي بيماري ۾ متاثر ٿيڻ تي اسپتال ۾ داخلا ۽ موت خلاف ته پڪو تحفظ ملندو آهي پر ڊگهي مدت وارن اثرن جي حوالي سان ان جا فائدا ڪي گهڻا ناهن.

اها ڳالهه آمريڪا جي واشنگٽن يونيورسٽي جي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ان کان پهريان ماهرن اميد ظاهر ڪئي هئي ته ويڪسين جي استعمال کانپوءِ ڪنهن فرد کي ڪووڊ ۾ متاثر ٿيڻ تي لانگ ڪووڊ جو خطرو نمايان حد تائين گهٽجي ويندو.

پر رسالي جرنل نيچر ميڊيسين ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ويڪسينيشن ڪرائيندڙن جي ڀيٽ ۾ ويڪسين استعمال ڪرڻ وارن ۾ لانگ ڪووڊ جي خطرن ۾ رڳو 15 سيڪڙو گهٽتائي ايندي آهي.

تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ويڪسينز جهن مقصد لاءِ تيار ٿيون ان حوالي سان ته بهترين ڪم ڪري رهيون آهن، پر لانگ ڪووڊ خلاف انهن جو فائدو تمام گهڻو ناهي.

محققن ٻڌايو ته ڪوڊ ويڪسينز وبا جي پهرين دوران تيار ٿي ويون هيون ۽ اُن وقت تائين ڊاڪٽرن، سائسندانن ۽ مريضن کي لانگ ڪووڊ جي موجودگي جي ڄاڻ نه هئي ۽ ڇو جو انهن کي ڊگهي مدت وارن اثرن کان بچاءُ لاءِ ڊيزائن نه ڪيو ويو هو.

سندس چوڻ هو ته هاڻي اسان کي معلوم ٿي چڪو آهي ته هي وائرس ڊگهي مدت وارن اثرن کي مرتب ڪري سگهي ٿو ۽ اسان کي ويڪسينز تي نظرثاني جي ضرورت آهي.

تحقيق ۾ يو ايس ڊپارٽمنٽ آف ويٽرنز افيئرز جي نيشنل هيلٿ کي استعمال ڪيو ويو آهي.

هي ويڪسينيشن کانپوءِ ڪووڊ سبب متاثر ٿيندڙ اٽڪل 34 هزارن ماڻهن ۽ هڪ لک 13 هزاز کان وڌيڪ ويڪسين استعمال نه ڪندڙ ماڻهن جو ڊيٽا هو جيڪو جنوري کان آڪٽوبر 2021ع دوران ڪووڊ سبب متاثر ٿيا.

بيماري کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ انهن ماڻهن جو جائزو 6 مهينن تائين ورتو ويو ته جيئن ڏسي سگهجي ته منجهن ڊگهي مدت وارن اثرن جون علامتون ظاهر ٿين ٿيون يا نه

تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته ويڪسينز جي استعمال سان لانگ ڪووڊ ڪووڊ کان گهڻو تحفظ ته ناهي ملندو پر ڪجهه وڌيڪ لانگ ڪووڊ علامتن جي روڪٿام ۾ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿينديون آهن.

تحقيق موجب ويڪسينز جي استعمال سان ڦڦڙن جي ڊگهي مدت وارين بيمارين جو خطرو اٽڪل 50 سيڪڙو جڏهن ته بلڊ ڪلاٽس جو خطرو 56 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.

محققن چيو ته ضروري ناهي ته هر فرد کي ڪووڊ جي ڊگهي مدت وارن اثرن جي علامتن کي منهن ڏيڻو پوندو پر ويڪسينيشن کانپوءِ بيمار ٿيندڙ رڳو 10 سيڪڙو ماڻهن ۾ لانگ ڪووڊ جي نشاندهي ٿي آهي. پر جيئن ته مريضن جو انگ تمام گهڻو هو تنهنڪري 10 سيڪڙو به تمام گهڻو لڳي ٿو.

تحقيق ۾ بوسٽر ڊوز جي اثرن جو جائزو ته ناهي ورتو ويو پر محققن چيو ته بوسٽر سان تمام گهڻي فرق جي اميد نه رکڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ويڪسينز لانگ ڪووڊ کان بچاءُ لاءِ ڊيزائن ناهن ٿيون.

هن چيو ته اسان کي وائرس جي ڊگهي مدت وارن اثرن کان بچاءُ لاءِ واڌو ڪوششن تي غور ڪرڻ گهرجي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.