”اوهان جي دعائن جي ضرورت آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور عالمِ دين مولانا طارق جميل ٻن سالن کانپوءِ عمري جي دعادت ماڻڻ لاءِ سعودي عرب هليو ويو.

گذريل ڏينهن مولانا طارق جميل انسٽاگرام تي پنهنجي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي موجود آهي.

مولانا طارق جميل پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ٻن سالن کانپوءِعمري جي ادائيگي لاءِسعودي عرب جو سفر ڪيو.

هن پنهنجي چاهيندڙن کي اپيل ڪئي ته اوهان جي دعائن جي ضرورت آهي.

ان کانسواءِ مولانا طارق جميل پنهنجي هڪ تصوير مدينه منوره مان به شيئر ڪئي.

تصوير ۾ هو پنهنجي هوٽل جي ڪمري جي دريءَ مان نظارو ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.