عمران خان لاءِ ڳالهين جا دَر کليل آهن پر ڊڪٽيشن نه هلندي، چونڊن جو فيصلو ايوان ڪندو: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته ڳالهين جا دَر کليل آهن ۽ ڪميٽي ٺاهي سگهان ٿو پر ڊڪٽيشن نه هلندي ۽ چونڊن جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان غلط فهمي ۾ نه رهي، ڳالهه ٻولهه جا دَر کليل آهن پر جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته بليڪ ميل ڪندئو ته پنهنجي گهر ۾ ڊڪٽيشن ڏنو، هن ايوان کي ڊڪٽيشن نٿا ڏئي سگهو.

هن چيو ته جيڪڏهن اليڪشن جي ڳالهه آهي ته پارليامينٽ ۾ ڳالهه ڪيو، هڪ صوبو وفاق تي حملو ڪري، اڄ تائين ڪڏهن ائين ٿيو؟ مان نه مڃان ۽ پوءِ بندوق کڻان، سياستدان ائين ناهن ڪندا، جيڪي هٿيار لاهور ۾ پڪڙا ويا، اهي اسلام آباد آندا وڃن ها.

سندس چوڻ هو ته جٿي اسلام آباد آڻڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي ها، سرعام چيو ويو ته هر صورت ۾ ڊي چوڪ پهچنداسين، اسان کي فتني جو رستو روڪڻو آهي يا ملڪ کي تباهه ٿيندي ڏسڻو آهي؟ آصف زرداري، فضل الرحمان ۽ ٻين اتحادين کي فيصلو ڪرڻو پوندو.

وزيراعظم چيو اسان جي ڪوشش آهي ته مسئلن کي حل ڪيون، هن حڪومت جو مدو هڪ سال ٻه مهينا آهي، ڏکيائيون آهن، چئلينج آهن پر منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان پاڪستان کي عظيم بڻائڻ لاءِ ساهه ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.