استادن جي کوٽ يونين ڪائونسل سطح تي پوري ٿيڻ گهرجي

اسلم پرويز مگسي 

 

پهريان ته سڀني اميدوارن کي مبارڪون جيڪي سنڌ حڪومت طرفان نئين پاليسي ۾ نظرثاني ڪرڻ کان پوءِ پاسنگ زون ۾ اچن ٿا. حقيقت ۾ سنڌ حڪومت طرفان 40 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪرڻ واري اها رعايت غير فعال اسڪولن کي فعال بڻائڻ ۽ صوبي ۾ شاگردن جي استادن جي تناسب سان استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏني وئي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ 35870 استادن جون جايون خالي آهن، جن مان ڪل 24617 اميدوار پاس ٿيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صاحب جي پريس ڪانفرنس موجب ته، هڪ استاد کي 30 شاگردن کي پڙهائڻ جي حساب سان سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ کوٽ آهي. جنهن سبب هنن پاسنگ مارڪون گهٽتائي 40 ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.  جڏهن ته 40 کان گهٽ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن جي ٽريننگ ڪري هڪ مهيني کان پوءِ انهن کان ٻيهر ٽيسٽ ورتي ويندي.

سنڌ جي وڏي وزير جي چوڻ مطابق جيڪڏهن هارڊ ايريا ۾ 40 مارڪن وارو استاد مقرر ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ جن تعلقن ۾ استاد گهٽ پاس ٿيا آهن ته انهن کي 40 مارڪن تي پاس ڇو نٿو ڪري سگهجي.  اهڙيءَ ريت هن حڪمت عملي ۾ اهو پڻ واضح ڄاڻايو ويو آهي ته استادن جون مقرريون تعلقي سطح تي ڪري استادن کي آرڊر ڏنا ويندا ۽ تعلقن ۾ جتي هارڊ ايرياز (سخت علائقا) آهن، اتي ٻه الڳ لسٽون هونديون: هڪ سافٽ ايرياز (نرم علائقن) لاءِ ۽ ٻي سخت علائقن لاءِ. تنهن کان پوءِ سخت علائقن جا اميدوار نرم علائقن ۾ پوسٽ نه ٿي سگهندا.   سنڌ جي وڏي وزير جو اهو فيصلو حقيقت ۾ هڪ تمام ساراھ جوڳو عمل آهي.

ڇاڪاڻ ته انهيءَ فيصلي سان سنڌ جي هزارين بيروزگار نوجوانن کي روزگار جو موقعو ملندو ۽ ڪافي حد تائين مهانگائيءَ تي پڻ ضابطو ايندو.  انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته "پاڪستان پيپلزپارٽي” پنهنجي هر دور ۾ سنڌ جي پرگهور لهي هميشه غريب ۽ محنتي نوجوانن لاءِ روزگار جا وسيلا مهيا ڪيا آهن ۽ هزارين نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون آهن.  هاڻي جيڪڏهن سنڌ حڪومت بيروزگار نوجوانن تي ايتري مهرباني ڪئي آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي کي گهرجي ته استادن جون مقرريون/ڀرتيون يونين ڪائونسل (UC) سطح تي ڪيون وڃن، جن جي لسٽ top to bottom پاليسي يعني وڌيڪ اسڪور کان گهٽ اسڪور تحت ميرٽ جي بنياد تي ٺهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته تعلقي سطح تي تيار ٿيندڙ ميرٽ لسٽ ۾ ڪيترائي جعلي ۽ پئسن عيوض اميدوار ڀرتي ٿي سگهن ٿا، جنهن سبب ڪيترن ئي غريب ۽ مستحق اميدوارن جي حقن تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌاڙو لڳي سگهي ٿو.  آئون سمجهان ٿو ته ڪيترائي اميدوار تعلقي سطح تي ٿيندڙ ڀرتين جي حمايت ڪندا هوندا ۽ ڪيترائي اميدوار يونين ڪائونسل (UC) سطح تي ٿيندڙ ڀرتين جي حمايت ۾ هوندا. پر حقيقت اها آهي ته تعلقي سطح تي ٿيندڙ ڀرتين ۾ هير ڦير ٿيڻ آسان ۽ ممڪن بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته سنڌ ۾ هزارين يونين ڪائونسليون آهن، جيڪڏهن اهي سڀ ٻين ۾ سمائجي وينديون يعني ضم ٿينديون ته پوءِ مستحق ۽ من پسند ماڻهن جي سڃاڻڻ ڪرڻ اوهان لاءِ هڪ انتهائي ڏکيو عمل بڻجي ويندو. ان کان علاوه ڪيترائي ڪوڙا ۽ من پسند ماڻهو پڻ لسٽ ۾ درج ٿي ويندا، جنھن کان پوءِ ميرٽ جي لتاڙ ٿيڻ ممڪن آهي.  تنهن ڪري، استادن جون ڀرتيون يونين ڪائونسل سطح تي ٿيڻ وڌيڪ بهتر هوندو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ حڪمت عمليءَ تحت گهٽ ۾ گهٽ جعلي اميدوارن يا ڏورانهين علائقن مان ايندڙ ماڻهن کي ته سڃاڻڻ آسان هوندو.

پر جيڪڏهن يونين ڪائونسل ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن جو انگ خالي پيل جاين کان وڌي وڃي ٿو ته پوءِ گورنمينٽ کي گهرجي ته انهن اميدوارن کي تعلقي وائيز سطح تي ڀرتي کي ترجيح ڏئي استادن جي کوٽ کي پورو ڪجي. يعني پهرين ترجيح يونين ڪائونسل سطح تي ڏيڻ کان پوءِ تعلقي وائيز ليول تي استادن جون ڀرتيون ڪيون وڃن.  ان جو هڪڙو فائدو اهو به آهي ته مڪاني استاد موسمن جي تبديلين کي آسانيءَ سان فيس ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ ريت استاد پنهنجا فرض دلچسپي ۽ پابنديءَ سان سر انجام ڏيندا، جنهن سبب ڀرتي ٿيندڙ استاد پنهنجي UCs جي اسڪولن ۾ هميشه رهي سگهن ٿا، اهڙيءَ طرح ٻارڙن جي به تعليم متاثر نه ٿيندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.