جڏھن سڄڻ ياد آيا……

محبوب علي جلالاڻي

26 مئي 2009ع جي اها اڀاڳي شام هئي اسان لاءِ جڏهن اسانجون هميشه خوشيون  کسجي ويون، صوفي حضور بخش جي اوطاق تي ويٺل ھئاسين، جنهن ۾ سائين پاڻ به گڏ ھئا، حاجي خان جلالاڻي جو ننڍڙو اسد علي ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته چاچا يار محمد جلالاڻي جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آھي، ھلندڙ ڪچھري دوران اها ڳالهه ٻڌي سڄي ڪچهري ۾ خاموشي ڇانئجي وئي، صوفي فورن چاچا يار محمد جي نمبر تي رابطو ڪيو، پريس ڪلب ٺٽي جي ڪنهن دوست فون اٽينڊ ڪئي شايد اقبال جاکرو هو، سائين سان ڳالهائيندس چيائين ته همراھ جو مڪليءَ تي ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آھي اسان ملم پٽي ڪري ڪراچي کڻي پيا وڃون، توهان ڪراچي جلدي پهچو، آئون گهر جي ڀاتيءَ حيثيت ۾ برابر گهر وارن کي اطلاع ضروري سمجهيم، سائين چيو توهان گهر اطلاع ڏيو تيستائين گاڏي جو بندوبست ڪيون ٿا، گهر اطلاع ڪري موٽيم سائين وارا گاڏي ۾ ويٺا هئا آئون به جلدي واپس پهچي ويس، گاڏي اسٽارٽ ڪيائين تيستائين پريس جي ڪنهن دوست فون ڪيو اسان گهاري پهچي ويا آھيون همراھ جو بلڊ ڪافي وهي چڪو آھي اسان ڳالهائڻ جي وڏي ڪوشش آھي پهرين تمام بهتر نموني، سان اسان سان ڪچهري پيو ڪري  اوچتو اکيون پوريائين.

چار پنج ڏينهن گذري ويا هئا، چاچا کي جڏھن خبر پئي ڇورا ڪيڏانهن نڪري ويا آھن يا ڪو اغوا ڪري ويو آھي، ھُو اخبار ۾ اشھتار پيو هلرائي، ان رات اسان گهر پهتاسين هفتي کانپوءِ ڳوٺ آيو، گهر وارن کان پڇا ڪئي ڇورا ڪيڏانهن ويا هئا اسان کي جڏھن خبر پئي چاچا آيو آھي، اسان لڪي وياسين نيٺ هن اسان کي پڪڙي ورتو پوءِ جيڪا اسان سان ڪيائين سا اسان کي خبر آھي، هن اسان کي نصيحت ڪئي جيڪا اڃان ياد آھي. هن چيو ته سياست ڪيو پڙھائي ڪيو، باقي ٻيو ڪم، نشو ڪرڻ، چوري ڪرڻ، برائي ڪندا، رول ٿي گهمندا، آئون توهان کان لاتعلقي ڪندس، ان جو چوڻ ڪندي وري نه ڪو ڪوجهو ڪم ڪيوسين، چاچا جو جڏھن جنازو کنيو ويو  ماڻھن جي چوڻ مطابق 3 ڪلوميٽر ماڻھن جو هجوم هو ۽ 3 جنازي نمارون ٿيون، هڪ ڳوٺ، ھڪ رستي ۾ ھڪ درگاھ جهوڪ شريف ۾ ادا ڪئي وئي.

جهوڪ شريف جي تاريخ ۾ ايترا ماڻھو شايد ڪنهن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيا هجن صرف شھيد يار محمد جلالاڻي جي جنازي ۾ ماڻھو هئا، ٺٽي شھر جون ڪيتريون فيمليون جنازي ۾ شريڪ هيون جيڪي پار ڪڍي روئي رهيون هيون، مون اکين سان ڏٺيون هيون، هي ڪو ايم پي اي يا ايم اين اي ڪو نه هو نه وري ڪو ڪامورو هو، هي مسڪين غريب ڌنار جو پٽ ھو پاڻ به ننڍپڻ ۾ مال چاريائين، جڏھن ڪجھه درجا پڙھيائين، سياست شروع ڪيائين، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيل ويو. جڏھن شادي جا ڏينھن ٻڌجي ويا هئا، ڪنوار ونواھ ۾ ويٺي هئي شادي کي باقي 2 ڏينهن هئا ته پوليس هن کي گرفتار ڪري وئي پوءِ مجبور ٿي ڪنوار کي ونواھ مان اٿاريو ويو، 2 مهينا ڪراچي جيل ۾ هو پوليس ڳوٺ آئي ان جي پيءُ جي پڇا ڪئي، منهنجو ڏاڏو مينھون چاري رھيو ھو، اتي پوليس اچي چيو ته يار محمد جو پيءُ تون آھين، ڏاڏي مون واري چيو ها، پوليس چيو تون پنهنجي پٽ جو معافي نامو لکي ڏي، تنهنجي پٽ کي آزاد ڪري ڇڏينداسين، پوليس کي مون واري ڏاڏي جواب ڏنو، اھو اسان جي وڙ ۾ نه آھي جو اسين معافي نامو لکي ڏيون ڇو ته منهنجي پٽ تي مونکي ايترو يقين آھي اهو ڪڏھن غلط ڪم ڪونه ڪندو هُو حق ۽ سچ تي هوندو، آئون هڪ ڌنار آھيان منهنجو پٽ به ڌنار هوندو يا ان جي سوچ ڌنار هوندي ڪڏھن به نه ڏاڏي مون واري پوليس کي ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو، هو ڪراچي جيل ۾ سزا ڪاٽي آزاد ٿيو پر معافي نه ورتائين،

يار محمد جلالاڻي سياست کان ويندي صحافت تائين پنهنجي ايمانداري جو هڪ مثال قائم ڪري ويو اڄ ان جي 13ھين ورسي آھي کيس سُرخ سلام ٿا پيش ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.