خيرپور ويجهو قتل ٿيل ڳوٺاڻي جو ڪيس داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي

خيرپور( ڊ ر)ٻه ڏينهن اڳ خيرپور شاھ حسين ٿاڻي جي حد ڀاڻو ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي هٿان قتل ٿي ويل نادر علي ڦلپوٽو ۽ معصوم  نينگر  پيرل ۽ زخمي ٿيل مسمات حفيظان ۽ نعيم احمد ڦلپوٽو واري واقعي جو ڪيس جوابدارن محمد اسماعيل ڦلپوٽو،عجيب ڦلپوٽو،راڻو،نواب ڦلپوٽو،نظير ڦلپوٽو،وزير ڦلپوٽو،عبدالوهاب ڦلپوٽو،علي اصغر ڦلپوٽو  ۽ ٻن نامعلوم مٿان زخميڻ مسمات حفيظان ڦلپوٽو جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هيو پر ٻه ڏينهن گذريڻ جي باوجود واقعي جو صرف هڪ جوابدار گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته پوليس واقعي جا ٻيا جوابدار گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڪئي به جوڳا قدم ناهين کنيا. هوڏانهن قتل ٿي ويل مقتول جي وارثن الزام مڙهيندي چيو آهي ته پوليس جوابدار ڌر کان ڳري رشوت ورتي آهي تنهن ڪري کين گرفتار نه ٿي ڪري هنن ايس ايس پي خيرپور کان انصاف جي گھر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.