ايشيا ڪپ سريلنڪا ۾ نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيو وينيو ڪهڙو هوندو؟

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ جي حوالي سان بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر نظم الحسن چيو آهي ته ايشيا ڪپ جو وينيو تبديل ٿيو ته بنگلاديش پهرين چوائس هوندو.

هڪ بيان ۾ بي سي بي جي صدر نظم الحسن چيو ته سريلنڪا هن وقت ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي، سريلنڪا بورڊ به انهن حالتن ۾ سٺي پوزيشن ۾ ناهي.

هن چيو ته وينيو جي تبديلي بابت پڇڻ جو هي مناسب وقت ناهي، وقت سان صورتحال واضح ٿي ويندي.

ياد رهي ته ايشيا ڪپ 27 آگسٽ کان سريلنڪا ۾ رٿيل آهي پر سريلنڪا جون سياسي ۽ معاشي حالتون خراب هجڻ سبب اتي ايونٽ ٿيڻ جا امڪان واضح ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.