ويسٽ انڊيز خلاف سيريز، قومي ٽيم جي اسڪواڊ بابت اهم خبر

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انديز خلاف ون ڊي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو.

ذريعن موجب قومي سليڪشن ڪميٽي پنهنجي مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي، چيف سليڪٽر محمد وسيم ڪپتان ۽ ڪوچ سان حتمي مشاورت ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيئر رانديگرن کي آرام ڏيڻ جي تجويز آهي پر حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، ڪجهه سينيئر رانديگر آرام جي حق ۾ نه آهن.

ذريعن موجب قومي ٽيم جو ڪپتان بابراعظم به وڌيڪ رانديگرن کي آرام ڏيڻ جي حق ۾ ناهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد حارث، زمان خان جو نالو به غور هيٺ آهي، جڏهن ته محمد نواز جي واپسي جو به امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.